حيدر شاهه حقاني رضوي سيد

حيدر شاهه حقاني رضوي، سيد: عالم ۽ فاضل سيد حيدر شاهه حقاني رضويءَ 915هه مطابق 1509ع ڌاري بکر ۾ جنم ورتو. رضوي ساداتن جي شجري ۾ سندس اصل نالو سيد مير حسن ولد سيد موسيٰ ڄاڻايل آهي. هيءُ مشهور بزرگ سيد محمد مڪي جي نسب مان هو. هن زندگيءَ جو شروعاتي دور بکر ۾ گذاريو، جتي ديني توڙي دنيوي تعليم مختلف وڏن عالمن جي مدرسن ۾ رهي حاصل ڪيائين. جڏهن جوان ٿيو ته سندس والدين بکر مان لڏي روهڙيءَ ۾ رهائش پذير ٿيا. نامور محقق مولانا دين محمد وفائيءَ لکيو آهي ته جتي سندس آخري آرامگاهه آهي، اڳي ان جي ڀرسان قديم مسجد هوندي هئي. هن مسجد جي حجري ۾ مدرسو به قائم ڪيو، جتي ديني علمن جي تعليم ڏيندو هو. وٽائنس ڪيترا وڏا عالم پڙهي نڪتا. روهڙي شهر ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو وار مبارڪ آهي، جنهن جي عام زيارت ڪرائي ويندي آهي. اهو وار مبارڪ حيدر شاهه حقانيءَ معرفت شيخ عبدالباقي بکريءَ سنڌ ۾ آندو، جو حيدر شاهه جو ويجهو دوست هو. روايت موجب حيدر شاهه حقانيءَ کي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کان خواب ۾ ارشاد ٿيو ته اسان جو وار مبارڪ، اوهان جي شهر ڀرسان شيخ عبدالباقي صديقيءَ وٽ محفوظ آهي. ان کانپوءِ ٻين شاهدن جي شاهدين جي بنياد تي وار مبارڪ عام زيارت لاءِ ظاهر ڪيو ويو. روايت آهي ته اهو وار مبارڪ 1545ع ڌاري ظاهر ٿيو. شجره خاندان سادات رضوي ۽ ٻين روايتن مان پتو پيو آهي ته سيد حيدر شاهه جي آخري آرامگاهه جي ڀرسان مسجد جي حجري جي ٻاهران حضرت امام
حسين عليه السلام جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو. اهو واقعو 1572ع ۾ پيش آيو. ان وقت سندس پٽ عبدالستار شاهه ۽ ڀائٽيو سيد ابوالمعالي بن شاهه عيسيٰ گڏ هئا. سيد حيدر شاهه 21 شعبان 1039هه/ پنجين اپريل 1630ع تي وفات ڪئي. سندس مزار تي عاليشان مقبرو اڏيل آهي، جيڪو روهڙيءَ جي سيد محلي ۾ آهي. قديم زماني ۾ انهيءَ محلي کي ’سائيدي محلو‘ سڏيو ويندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1630.04.05  عيسوي

سيد حيدر شاهه 21 شعبان 1039هه/ پنجين اپريل 1630ع تي وفات ڪئي. سندس مزار تي عاليشان مقبرو اڏيل آهي، جيڪو روهڙيءَ جي سيد محلي ۾ آهي. قديم زماني ۾ انهيءَ محلي کي ’سائيدي محلو‘ سڏيو ويندو هو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهد آفريدي
دارا شڪوه 1
طاهر محمد نسياني مير
جادو فقير شهيد
آئن اسٽائن البرٽ
ذوالفقار مرزا
قاسم پٿر
الطاف شيخ
ليلارام ماکيجاڻي
جارج-5
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون